Duration 1:21

رپورٹ راز بلوچ مسوڀرگڙي France

12 watched
0
0
Published 2 Jul 2021

مسوڀرگڙي (رپورٽ : راز بلوچ) مسوڀرگڙي کان عثمان شاھ ويندڙ لنڪ روڊ جي مرمتي ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو جڳاڙي ٺيڪيدار روڊ جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي غائب ، رھواسين پاران چونڊيل نمائندن ۽ ھاء ويز کاتي سنڌ کان نوٽس وٺڻ جو مطالبو . خبر موجب ڪجهه مهينا اڳ ۾ مسوڀرگڙي کان عثمان شاھ لنڪ روڊ جي مرمتي ڪم جو ٽينڊر پاس ٿيڻ کان پوء ٺيڪيدار پاران ڪم شروع ڪيو ويو جنهن ۾ مسوڀرگڙي کان لانڊي موڙ تائين تقريبن 2 ٻه ڪلوميٽر روڊ تي پٿر وڇايا ويا آھن ،جڏهن ته تقريبن 4 کان 5 ڪلوميٽر روڊ جي پاسن کان صرف مٽي جي ڀرائي ڪرائي وئي آهي روڊ جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ سبب ايندڙ ويندڙن رھواسين ۽ مسافرن کي سخت مشڪلاتون درپيش آھن ، جڏھن ته ٺيڪيدار پاران روڊ جي ڪم ۾ ناقص مٽيرل سان موريون ٺاھي ويون آھن جن جي وچ ۾ وڏا کڏا پئجي ويا آهن جن م ھر وقت حادثي جو خطرو موجود آھي ، ھتان جي رھواسين پاران روڊس کاتي سنڌ ۽ چونڊيل نمائندن کان ھن اڌ م رھيل روڊ کي مڪمل ڪرائڻ جو نوٽس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي .

Category

Show more

Comments - 0